Monday 27 January 2014

وڏي وزير


  • وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته دهشتگرد پهريان حملا ڪندا هئا هاڻي لڪڻ جون جايون ڳولي رهيا آهن، موجوده حالتن ۾ تحفظ پاڪستان آرڊيننس جو لاڳو ٿيڻ ضروري آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جا بهترين نتيجا مليا آهن، 10 هزار کان وڌيڪ ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن، هاڻي دهشتگرد لڪڻ ۽ ڀڄڻ جون جايون ڳولي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته پوليس ۽ رينجرز دهشتگردن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڄاڻين ٿيون، فورسز کي وڌيڪ جديد هٿيار، بڪتر بند گاڏيون ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته قانون سازي ڪرڻ حڪومت جو اختيار آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ موجوده حالتن ۾ تحفظ پاڪستان آرڊيننس لاڳو ڪرڻ ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ٿرڪول منصوبو مڪمل ٿيڻ سان سنڌ ۽ ملڪ خوشحال ٿي ويندا.......